جڳ مشهور ڪلاڪار راحت فتح علي خان پنهنجي فن ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيو

جڳ مشهور ڪلاڪار راحت فتح علي خان پنهنجي فن ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيو آهي، برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي پاران راحت فتح علي خان کي سندس فني خدمتن جي مڃتا طور لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.
راحت فتح علي اڄڪلهه ميوزڪ ٽوئر تي برطانيا پهتل آهي. ناليوارو پاڪستاني سنگر آڪسفورڊ يونيورسٽي پهتو ته انتظاميا، استادن ۽ شاگردن پاران سندس پرجوش آجيان ڪئي وئي، تقريب ۾ موجود ماڻهو سندس استقبال لاءِ ڪيتري ئي دير تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا.
راحت فتح علي خان تقريب ۾ صوفياڻا ڪلام ڳائي زبردست ماڻيو. بعد کيس سندس فني خدمتن جي مڃتا طور لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.
پاڪستاني سنگر کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جو دورو به ڪرايو ويو ۽ سندس لاءِ 2 سئو سال پراڻو يونيورسٽي جو ميوزڪ روم به کوليو ويو.
راحت فتح علي پنهنجي هڪ ٽويٽ بيان ۾ خوشي ظاهر ڪندي چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي پاران مليل ايوارڊ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ هن موقعي تي مون کي پنهنجو استاد ۽ عظيم ڪلاڪار نصرت فتح علي خان ڏاڍو ياد آيو.
راحت فتح علي آڪسفورڊ يونيورسٽي جو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ماڻيندڙ پهريون پاڪستاني آهي، ان کان اڳ ڀارت جو ليجينڊ اداڪار اميتاڀ بچن به اهو ايوارڊ ماڻي چڪو آهي…
No comments:
Post a Comment