Wednesday, 13 July 2016

ديپيڪا پڊوڪون وچ ۾ اختلافن ۽ مقابلي جون خبرون ميڊيا جون پيدا ڪيل آهن:پريانڪا چوپڙا

ديپيڪا پڊوڪون وچ ۾ اختلافن ۽ مقابلي جون خبرون ميڊيا جون پيدا ڪيل آهن:پريانڪا چوپڙا


بالي ووڊ اسٽار پريانڪا چوپڙا  انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ڪو سندس ۽ ديپيڪا پڊوڪون وچ ۾ ڪو مقابلو آهي. پريانڪا چوپڙا هڪ تقريب دوران سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ٻنهي جي وچ ۾ اختلافن ۽ مقابلي جون خبرون ميڊيا جون پيدا ڪيل آهن، جيڪي اڳ اسانجي دوستي کي بيان ڪندي هئي، اها ئي ميڊيا هاڻي اختلافن جون خبرون پئي هلائي پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. هن چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته نه رڳو بالي ووڊ پر ڏکڻ ايشيا جا اداڪار ۽ فنڪار هالي ووڊ ۾ پنهنجو مقام ٺاهين…

عمران خان جي ٽئين شاديءَ وارين افواهن تي کيس تمام گهڻي پريشاني ٿي آهي : قنديل بلوچ

عمران خان جي ٽئين شاديءَ وارين افواهن تي کيس تمام گهڻي پريشاني ٿي آهي : قنديل بلوچ


عمران خان جي ترديدي بيان تي تڪراري ماڊل قنديل بلوچ سک جو ساهه کڻندي چيو آهي ته عمران خان جي ٽئين شاديءَ وارين افواهن تي کيس تمام گهڻي پريشاني ٿي، ڇوته عمران سان شاديءَ لاءِ کانئس بهتر ٻي ڪابه ڇوڪري نٿي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ سربراهه رڳو شادي جي حامي ڀري هــُوءَ شوبز ڇڏڻ لاءِ به تيار آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي تڪراري ماڊل قنديل بلوچ چيو ته عمران خان جي ٽئين شاديءَ جي حوالي سان افواهون پکيڙي کيس پريشان ڪيو ويو.
هن چيو ته عمران خان لاءِ کانئس وڌيڪ ٻي ڪابه ڪنوار نٿي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ سربراهه رڳو شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿئَي، هوءَ شوبز سميت سموريون سرگرميون ڇڏي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
قنديل بلوچ چيو ته عمران خان سان شاديءَ لاءِ هــُوءَ ڪيترائي ڀيرا سندس گهر به وئي آهي ۽ پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق ذريعي ساڻس رابطي ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ڪابه موٽ نه ملي.

کلنايڪ سنجي دت ۽ سڀاش گهئي پاران“کلنايڪ ريٽرنس” جون تياريون

کلنايڪ سنجي دت ۽ سڀاش گهئي پاران“کلنايڪ ريٽرنس” جون تياريون


جي ها بالي ووڊ جو کلنايڪ 23 سالن کانپوءِ موٽي رهيو آهي، سنجي دت ۽ سڀاش گهئي وچ ۾ سيڪوئل ٺاهڻ لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، سڀاش گهئي تصديق ڪئي آهي ته “کلنايڪ ريٽرنس” جي شوٽنگ 2016 جي آخر تائين شروع ٿي ويندي ۽ سنجي دت ٻيهر بلو بلرام جي ڪردار ۾ نطر ايندو، جيڪو 20 سالن کانپوءِ جيل مان ٻاهر اچي ٿو. سڀاش گهئي جو چوڻ هو ته فلم ۾ ٽائيگر شروف  کي ڪاسٽ ڪرڻ واريون افواهون غلط آهن. هن ٻڌايو ته کلنايڪ ريٽرنس جو ٽائٽل سانگ به پــِريڪوئل وارو برقرار رکيو ويندو، جڏهن ته فلم جو ڊائريڪٽر پرجوش نوجوان هوندو، جنهن جو نالو بعد ۾ ظاهر ڪيو ويندو. سنجي دت، ماڌوري ڊڪشٽ ۽ جيڪي شروف جي ڪاسٽ تي ٻڌل “کلنايڪ 1993ع جي سپرهٽ فلم هئي

بالي ووڊ سلطان سلمان خان جو دنيا تي راڄ، “سلطان” عالمي باڪس آفيس تي ساڍا ٽي سئو ڪروڙ ڪمائي ورت

بالي ووڊ سلطان سلمان خان جو دنيا تي راڄ، “سلطان” عالمي باڪس آفيس تي ساڍا ٽي سئو ڪروڙ ڪمائي ورت


بالي ووڊ سلطان سلمان خان جو دنيا تي راڄ، “سلطان” عالمي باڪس آفيس تي ساڍا ٽي سئو ڪروڙ ڪمائي ورتا
بالي ووڊ سلطان سلمان خان ۽ انوشڪا شرمار باڪس آفيس تي ڇانيل آهن، “سلطان” رليز ٿيندي ئي ٽن ڏينهن اندر هڪ سئو ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪرڻ بعد پهرئين هفتي 2016ع ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ بالي ووڊ فلم بڻجي وئي آهي، سلو ڀائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو مداحن جو سلطان آهي. سلطان جي سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيڻ سان سلمان خان جي سئو ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلمن جو انگ 10 ٿي ويو آهي. انڪري ئي ته بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان چوي ٿو ته سندس فلم پي ڪي جو باڪس آفيس تي جيڪڏهن ڪا فلم رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿي ته اها سلطان آهي ۽ هو سلمان خان جي اداڪاري کان گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ سندس وڏو مداح آهي

جڳ مشهور ڪلاڪار راحت فتح علي خان پنهنجي فن ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيو

جڳ مشهور ڪلاڪار راحت فتح علي خان پنهنجي فن ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيو


جڳ مشهور ڪلاڪار  راحت فتح علي خان پنهنجي فن ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيو آهي، برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي پاران راحت فتح علي خان کي سندس فني خدمتن جي مڃتا طور لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.
راحت فتح علي اڄڪلهه ميوزڪ ٽوئر تي برطانيا پهتل آهي. ناليوارو پاڪستاني سنگر آڪسفورڊ يونيورسٽي پهتو ته انتظاميا، استادن ۽ شاگردن پاران سندس پرجوش آجيان ڪئي وئي، تقريب ۾ موجود ماڻهو سندس استقبال لاءِ ڪيتري ئي دير تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا.

Rahat-Fateh-Ali-Khan-13716
راحت فتح علي خان تقريب ۾ صوفياڻا ڪلام ڳائي زبردست ماڻيو. بعد کيس سندس فني خدمتن جي مڃتا طور لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.
پاڪستاني سنگر کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جو دورو به ڪرايو ويو ۽ سندس لاءِ 2 سئو سال پراڻو يونيورسٽي جو ميوزڪ روم به کوليو ويو.
راحت فتح علي پنهنجي هڪ ٽويٽ بيان ۾ خوشي ظاهر ڪندي چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي پاران مليل ايوارڊ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ هن موقعي تي مون کي پنهنجو استاد ۽ عظيم ڪلاڪار نصرت فتح علي خان ڏاڍو ياد آيو.
راحت فتح علي آڪسفورڊ يونيورسٽي جو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ماڻيندڙ پهريون پاڪستاني آهي، ان کان اڳ ڀارت جو ليجينڊ اداڪار اميتاڀ بچن به اهو ايوارڊ ماڻي چڪو آهي…

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا بينرز لڳائيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن آرمي     چيف جنرل راحيل شريف جا بينرز لڳائيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو


پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا بينرز لڳائيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،سندس چوڻ آهي ته بئنرز لڳائيندڙن کي گرفتار ڪري آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلايو وڃي، ڪارروائي نه ٿيڻ تي سمجهيو ويندو ته اهو ڪم حڪومت جو آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته آرمي چيف جا بئنرز لڳائڻ وارو معاملو ن ليگ اٿاريو آهي، بئنرز تي موو آن پارٽي جو نالو لکيل آهي.
هن چيو ته بئنرز لڳائڻ سان سوسائٽي ۾ مارشل لا جو خوف پيدا ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو ڊپ کان ڪرپشن خلاف ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهن.

سندس چوڻ هو ته بئنرز لڳائيندڙن کي گرفتار ڪري آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلايو وڃي، ڪارروائي نه ٿيڻ تي سمجهيو ويندو ته اهو ڪم حڪومت جو آهي.
اعتزا احسن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي بئنرز بابت آءِ ايس پي آر وضاحت ڪري ڇڏي، حڪومت بينرز لڳائيندڙن جي سربراهه کي گرفتار ڪري کيس انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.
تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي شادي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته ڪپتان جي شادي سندس ذاتي معاملو آهي، جنهن کي پارٽي سان نه ڳنڍڻ گهرجي…

وفاقي حڪومت چئني صوبن کي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت چئني صوبن کي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو



وفاقي حڪومت چئني صوبن کي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت صوبن کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جا دهشتگرد ايئرپورٽ ۽ ايئربيسز سميت درسگاهن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.
وفاقي حڪومت صوبن کي لکيل خط ۾ سيڪيورٽي جا اپاءُ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته طالبان جي دهشتگردن حملن جي منصوبا بندي ڪئي آهي ۽ اهي  يونيورسٽين توڙي گرلس ڪاليجن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا.
وفاقي حڪومت پاران خط ملڻ بعد صوبائي حڪومتن سيڪيورٽي اپاءُ ورتا پيا وڃن.